سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ميان نوازشريف ٻاهر ويهي سياست ڪري رهيو آهي، هنن کيس واپس آڻڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته نوازشريف لنڊن ۾ ويهي ڪافي پي رهيو آهي، اتان بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان سان رابطا پيو ڪري، رڳو پنهنجي ڀاءُ شهبازشريف سان ئي رابطو نه پيو ڪري.
هن چيو ته نوازشريف کي واپس اچڻ گهرجي، هو عدالت آڏو سوالن جا جواب رکي، هو بيماريءَ جو بهانو بڻائي ٻاهر هليو ويو، لنڊن ۾ سندس هڪ ايڪسري به ناهي ٿيو.
شبلي فراز چيو چيو ته سيپٽمبر ۾ فيٽف طرفان پاڪستان بابت اهم فيصلا ڪرڻا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته پاڪستان بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي، هي پنهنجن مفادن لاءِ ملڪي مفاد قربان ڪري رهيا آهن، ملڪ بليڪ لسٽ ٿيڻ سان ڪرنسي تي دٻاءُ پوندو آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بليڪ لسٽ ٿي ويو ته شيون وڌيڪ مهانگيون ٿينديون، مخالف ڌر سدائين اين آر او گهريو، اپوزيشن نيب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، پر هو بيلڪ ميلنگ ۾ نه ايندا.
هن چيو ته ڪورونا وائرس پکڙيو ته مخالف ڌر دٻاءُ وڌو، هي چاهن پيا ته وائرس سبب ماڻهو فوت ٿين ۽ ملڪي معيشت کي نقصان پهچي پر وزيراعظم عمران خان جي نيت ٺيڪ هئي ۽ الله پاڪ مدد ڪئي.