پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جي چونڊيل نمائندن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام قادر چانڊئي، شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ عبدالباري پتافي ڌار ڌار ملاقات ڪئي.
ايم پي اي غلام قادر چانڊئي نوابشاهه جي سياسي صورتحال بابت بلاول کي آگاهه ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري، غلام قادر چانڊئي کان نوابشاهه جي مسئلن بابت آگاهي پڻ ورتي.
بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جو حل چونڊيل نمائندن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.
ڊاڪٽر سهراب سرڪي ملاقات دوران پ پ چيئرمين کي جيڪب آباد جي سياسي صورتحال ۽ عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر سهراب سرڪي کان جيڪب آباد جي عوام جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا.
پ پ چيئرمين، سهراب سرڪي کي هدايت ڪئي ته عوام جا مسئلا هر صورت ۾ حل ڪيا وڃن.
پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري کيس حيدرآباد ۽ ٽنڊي ڄام ۾ ترقياتي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي پ پ چيئرمين کي پنهنجي کاتي ۽ گهوٽڪي جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏني.
ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.
ٻي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊويزنل صدر ۽ وزيرن سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪي ايم سي سميت ڊي ايم سي کي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
ذريعن موجب ڪراچي جي جيالن آفيسرن جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جي مخالفت ڪئي.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ڪي ايم سي ۽ ستن ڊي ايم سيز ۾ سياسي شخصيتن کي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جي هدايت ڪئي.
پ پ چيئرمين هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايڊمنسٽريٽر لاءِ سياسي مخالفت ٿئي ته سول سوسائٽي جي ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي……..