وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ماشاءَ الله درست رستي تي هلي رهي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ 613 ملين ڊالر ۽ جون 2020ع ۾ 100 ملين ڊالرن جي خساري کانپوءِ صورتحال سنڀالجي وئي آهي.
هن چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 424 ملين ڊالر اضافي سرپلس جمع ٿي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جون شيون ٻاهر موڪلڻ جون 2020ع جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌي ويو آهي، جڏهن ته سمنڊ پار پاڪستانين جي رقم موڪلڻ جو سلسلو به رڪارڊ سطح تي اچي ويو آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...