مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب حڪومت، صحت واري وزير ۽ سروسز اسپتال جي ڊاڪٽرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي، هنن درخواست ڪئي ته نواز شريف جو علاج ملڪ ۾ ممڪن ناهي.
فواد چوڌري جي ٽويٽ جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ڀاڙي جا ترجمان ٻڌائين ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڪڏهن ملندا؟
هن چيو ته اهو ئي تحريڪ انصاف جو ڪوڙ، ڪرپشن ۽ دوکو آهي جنهن جي سزا ٻن سالن کان عوام ڀوڳي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته قومي ترقي پنج ڏهائي 9 کان ڪاٽو ڏهائي 4 ڪيئن ٿي آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته کنڊ 52 مان 110 ۽ اٽو 33 رپين مان 78 رپيه ڪلو ڪيئن ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ته کنڊ جو چور جهانگير ترين ڪڏهن واپس اچي رهيو آهي؟
……
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...