برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌڻ کانپوءِ ٻيهر هڪ مهيني لاءِ سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته ضروري دڪان ۽ ريسٽورينٽ ٻه ڊسمبر تائين بند رهندا. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيه ۾ ڇنڇر ڏهاڙي ڪورونا وگهي وڌيڪ 326 ڄڻا فوت ٿيا، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ آهي. ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن طرفان ٻئي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ اهي ته لاڪ ڊائون دوران ضروري دڪان، بازار ۽ ريسٽورينٽ ٻه ڊسمبر تائين بند رهندا ۽ گهرن ۾ پارٽين جي اجازت به نه هوندي ۽ سفر تي پابنديون هونديون. برطانوي وزيراعظم چيو ته اسڪول ۽ ڪاليج کليل رهندا ۽ فرلو اسڪيم به هڪ مهيني لاءِ اڳتي وڌائي وئي آهي هن چيو ته لاڳو ڪيل پابنديون ئي مسئلي جو حل آهن.
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا...