سامونڊي مامرن وارو وفاقي وزير علي زيدي ۽ ن ليگ اڳواڻ مصدق ملڪ ڪورونا ۾مبتلا ٿي ويا آهن. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته سندس ڪورونا جي ٽيسٽ هاري آئي آهي، جنهن بعد هو آئسوليٽ ٿي ويو آهي. علي زيدي چيو ته هو پنهنجي ٽوئٽي اڪائونٽ تي ملڪ کي ڦريندڙ ۽ ڪمزور ڪندڙن جي نشاندهي ڪندو رهندو. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ سينيٽر مصدق ملڪ به ڪورونا جو شڪار بڻجي ويو آهي. ن ليگ سينيٽر پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪورونا هجڻ جي تصديق ڪئي. مصديق ملڪ چيو ته ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد هو آئسوليٽ ٿي ويو آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...