مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته انشاءَ الله ايندڙ سال چونڊن جو آهي، گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ئي ڪاميابي حاصل ڪندي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز شهباز شريف ۽ حمزا شهباز شريف سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ احتساب عدالت پهتي. صحافي سوال ڪيو ته توهان جي سئوٽ ۽ چاچي کي بڪتر بند گاڏيءَ ۾ آندو ويو آهي توهان ڇا چوندا. مريم نواز جواب ڏيندي چيو ته جيڪا دهشتگرد جمهوري قيادت جي آهي اها ڪنهن جي به ناهي، هي حڪومت جيڪو معيار سيٽ ڪري رهي آهي تنهن کي ڀوڳڻو پوندو. صحافي سوال ڪيو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي جو جواب ڏيندي مريم نواز چيو ته انشاءَ الله ايندڙ سال اليڪشن جو آهي، گلگت بلتستان ۾ اليڪشن ن ليگ ئي کٽندي. هن چيو ته ڪريل ماڻهو 30 سالن کان شريف خاندان ۾ اختلاف جون ڳالهيون پيا ڪن پر هو متحد آهن ۽ متحد رهندا. سندس چوڻ هو ته ن ليگ مان ش ليگ الڳ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پيغام ملي ويو آهي ته هو متحد آهن. مريم نواز چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي، عمران نيازي کي گهر موڪلي ئي احتجاجي تحريڪ ختم ڪئي ويندي.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...