فرانس ۾ گستاخ خاڪا جاري ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرن، ريلين ڪڍڻ ۽ شٽر ڊائون هڙتال جو جو سلسلو جاري آهي. ڇاڇري ۾ واپارين جي سڏ تي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. شهرين هڙتال کي ڀرپور موٽ ڏئي حضور صلعم سان محبت جو ثبوت ڏنو. ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ جمعيت علماءَ اسلام پاران مدرسه دار القرآن مان گهنٽا گهر چوڪ تائين قاري محمد شفيع کوسي،مفتي عبدالرحيم پٺاڻ ۽ مولوي شمس الدني ڀيري جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي. عمرڪوٽ ۾ پڻ نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. واپارين پاران ريلي ڪڍي فرانس خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي. جاتي ۾ جامع مسجد فاروقي کان حفظ رجب علي ٿهيم، غلام حسين شآهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. وڳڻ ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پارانقادري سلطان احمد سيخ، مولانا صفيان تنيو، قادري محمد عثمان مغيري ۽ نور محمد عباسي جي اڳواڻي ۾ احتاجج ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن پاران فرانس خلاف نعريباز ڪئي وئي. ريلين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ وارا خاڪا جاري ڪندڙ ملڪ فرانس سان سفارشي لاڳاپا ختم ڪري ملڪ مان فرانسي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي. ھنن چيو ته نبي پاڪ صه جي شان ۾ ڪابه گستاخي قبول نه ڪئي ويندي. سندن چوڻ هو ته فرانس جي اھڙي عمل سان ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته فرانس ۾ نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا جاري ڪندڙ فرانس سان سفارشي لاڳاپا ختم ڪري ملڪ مان فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...