نوشهري فيروز ضلعي جي ڀرياسٽي جو ڳوٺاڻو فوجي جوان اپر دير ۾ شهيد ٿي ويو. ڳوٺ عالي ميمڻ واسڻ منصور ميمڻ اپر دير ۾ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻي. شهيد اهلڪار جو مڙهه اباڻي ڳوٺ عالي ميمڻ پهچايو پيو وڃي، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي مقامي قبرستان ۾ فوتي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. شهيد اهلڪار منصور ميمڻ جي پيءَ جان محمد ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته پنج سال اڳ پٽ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو هو. جان محمد ميمڻ چيو ته پٽ وطن جي حفاظت ڪندي ۽ دهشتگردن سان وڙهندي جان جو نذرانو ڏنو آهي، جنهن تي فخر آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...