صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو سنڌ سرڪار ئي ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي سرڪار جي نااهلي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ام رباب سندن ڀيڻ آهي، کيس انصاف ملڻ گهرجي، سنڌ هن سال به پنجاب کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪئي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه چيو ته ڪير به قانون کان مٿڀرو ناهي، سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو بيگناهه آهن ۽ هر هنڌ عدالتن ۾ پيش ٿين پيا.