مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ اٽي ۽ کنڊ چور ويٺل آهن، جلد کين بڪتر بند گاڏين ۾ وڃڻو پوندو. لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ووٽ چوري ڪندڙ کاڏي تي هٿ ڦيري ڳالهائي ٿو، وزيراعظم ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ اٽي ۽ کنڊ چور ويٺل آهن، وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي دهشتگردي نيب عدالت ۾ نظر آئي، هو فون ڪري شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي بڪتر بند گاڏين ذريعي آڻڻ جو چون ٿا. سندس چوڻ هو ته سليڪٽيڊ ۽ ووٽ چور عوام جو ڳلو دٻائن ٿا، ووٽ چور چوڻ تي شهباز شريف کي بڪتر بند گاڏي ذريعي آندو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران چون ٿا ته منصوبا ڪرپشن تي ٺهيا آهن جيڪڏهن ائين آهي ته اهي استعمال نه ڪيا وڃن. هن چيو ته شهباز شريف جي دور ۾ ٺاهيل منصوبن تي تختيون ڇو ٿا لڳايو؟ توهان پنهنجي گهرو وزير دهشتگردي ڪرائي رهيا آهيو؟ سندس چوڻ هو ته حڪومت جو مقصد آهي ته شهباز شريف جو آواز ماڻهن تائين نه پهچي، اها فاشسٽ سوچ ۽ غندا گردي آهي،عمران خان صاحب، توهان جون ڄنگهون ڏڪڻ شروع ٿي ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ته حڪمرانن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...