ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو آهي. ڪورنگي واري علائقي عوامي ڪالوني ويجهو ڦورو شهري کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو. bمقابلي جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو منصب مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورو جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمي حالت ۾ فرار جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب، مارجي ويل ڦورو ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو.