ڪورونا وائرس سبب اٺن مهينن کان بند پيل سنڌ يونيورسٽي کي ٻيهر کوليو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميه موجب ايس او پي تحت يونيورستي جي مڙني ڪئمپس جي سڀني شعبن جي کوليو ويو آهي. عملدار جو چوڻ هو ته پهرين پندرنهن ڏين جي لاءِ ٻئي ۽ ٽئين سال جي شاگردن جڏهن ته پندرنهن ڏينهن کانپوءِ پهرين ۽ آخري سال جي شاگردن کي يونيورسٽي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن شاگردن ۽ شاگردياڻين 15 ـ 15 ڏينهن لاءِ تدريسي عمل هلائڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...