ملڪ ۾ هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي، گلگت بلتستان کي تبديلي جي تباهي کان بچائڻو آهي. استور ۾جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ وٽ اقتدار ته آهي پر عوام ناهي. هن چيو ته سلڪٽيڊ وزيراعظم کي عوام جي ڪا پرواهه ناهي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي تبديلي جي تباهي کان بچائڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو پ پ ئي عوام جي حقن جو تحفظ ڪري ٿي. هن چيو ته ماضي ۾ پ پ گلگت عوام لاءِ ڪم ڪيو، عوام جي ساٿ ذريعي ايف سي آر جو خاتمو آندو ۽ گلگت کي پنهنجي سڃاڻپ ڏياري.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...