وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عمران خان، زرداري ۽ نوازشريف سان ڪا جنگ ناهي، وزيراعظم عوام جي جنگ وڙهي رهيو آهي. اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ووٽ عوام جي پنجن ورهين جي ترقيءَ جو فيصلو ڪندو آهي، عمران خان 72 ورهين جي محرومي ختم ڪري گلگت کي صوبو بڻائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عام ماڻهوءَ جي مسئلن کي سمجهندو آهي ۽ سندن ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششان آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته پي ڊي ايم ڦورو موومينٽ آهي، زرداري هڪ سيمينا جو مالڪ هو، ملڪ جو پيسو ڦري اربين رپين جو مالڪ بڻجي ويو، مولانا فضل الرحمان کي پنهنجن ماڻهن رد ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم فوج ۽ ادارن خلاف آهي، جيڪو پاڪ فوج جو وفادار ناهي اهو پاڪستان سان وفادار ناهي. وفاقي وزير چيو ته قوم جو پيسو ڦريندڙ عوام جي وچ ۾ اچن ڪيئن ٿا، اڳوڻن حڪمرانن پيسو ڦري پنهنجا کيسا ڀريا، هاڻي هو عوام منجهه اچن ته کين ڪنا آنا هنيا وڃن. علي امين گنڊاپور چيو ته عمران خان مخالف کي اين آر او ڏي ها ته هي عمران خان زنده باد جا نعرا هڻن ها. وفاقي وزير چيو ته کربين رپيا ڦريندڙ قوم جا غدار آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...