سنڌ حڪومت ڏياري جي موقعي تي وڏو اعلان ڪندي سرڪاري اقليتي ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اقليتي ملازمن ۽ پينشنرز کي 10 نومبر تي پگهارون جاري ڪيون وينديون. سنڌ جي ناڻي کاتي سرڪاري اقليتي ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڏياري جي موقعي تي صوبي جي سمورن سرڪاري اقليتي ملازمن کي ايڊوانس پگهارون جاري ڪيون ويندو. نوٽيفڪيشن موجب، اقليتي ملازمن ۽ پينشنرز کي 10 نومبر تي پگهارون جاري ڪيون وينديون. هندو برادري مذهبي ڏڻ ڏياري 14 نومبر تي ملهائيندي، هندو ڏيا ٻاري گهرن ۽ گهٽين ۾ روشني ڪري ڏڻ ملهائيندي آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...