وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت ست نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو جڏهن ته ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽ بابت بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت ست نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽ بابت بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب، واپار واري وزارت جاگرافياتي انڊيڪشن رجسٽريشن بابت سمري پيش ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ گهرو وزارت مختلف ڪيسن جي جاچ بابت اجازت لاءِ سمري پيش ڪندي. ذريعن موجب، فارميسي ڪائونسل جي نئين سر نامزدگين واري معاملي ۽ سامونڊي علائقن جي سروي لاءِ ضمني گرانٽ تي غور ڪيو ويندو. ڪابينا ۾ 26 آڪٽوبر تي اي سي سي جا فيصلا ۽ توانائي ڪميٽي جا 29 آڪٽوبر وارا فيصلا منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...