سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گلِ چيو آهي ته مريم اورنگزيب کي شهبازشريف جي صحت تي سياست ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، صبح شام سندس صحت بابت ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي شهباز گل چيو ته صحت جي خرابي جو بهانو بڻائي نوازشريف لنڊن ڀڄي ويو، هاڻي شهبازشريف جي صحت بابت ڪوڙ ڳالهايا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ ڦريندڙ پهريون ڀيرو احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيٺا آهن، سندن درٻاري پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، عمران خان ياد ڏيارو ته قانون آڏو سڀ برابر آهن. شهباز گلِ چيو ته شهبازشريف گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف نوازشريف جي ضمانت ڏني هاڻي پاڻ بيماريءَ جو ڊرامو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ انقلاب آڻي رهيا هئا، اهي هاڻي بيماريءَ پويان لڪي رهيا آهن، چورن ۽ ٺڳن ۾ حڪومت کي ڌمڪائڻ جي طاقت ناهي.