سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جي عبوري ضمانت ۾ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب طرفان 24 اپريل تي سندس اصيل کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. هن چيو ته نيب طرفان نثار کهڙي کي خوراڪ واري وزير طور طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. وڪيل چيو ته نثار کهڙي جي بينڪ اڪائونٽ ۾ شڪي ٽرانزيڪشن بابت به نوٽيس مليو آهي، سندس اصيل جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر سندس گرفتاري جو خدشو آهي. عدالت درخواست ڏيندڙ جو موقف ٻڌڻ بعد نثار کهڙي جي عبوري ضمانت ۾ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت طرفان ٻنهي درخواستن جون ڪاپيون نيب کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...