ڏوڪريءَ ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو. باءِ پاس ويجهو واپاري ذوالفقار جماليءَ جي گهر ۾ صبح جو سوير هٿياربند گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو. هٿياربند گهر ۾ پيل 10 لک روڪ رقم، 12 تولن کان وڌيڪ سونا زيور، گهر جي حفاظت لاءِ رکيل هٿيار، ملڪيتن جا ڪاغذ ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد ڏوڪري پوليس پهچي واقعي جو جائزو ورتو. گهر مان ڌاڙي جي واردات بعد علائقي واسين طرفان کوجي ڪتا پڻ گهرائي پيرا کنيا ويا.
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي ويا
دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽...