دريا خان مري ۾ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف پاران محرابپور جي ڊاڪٽرياڻي فاطمه ميمڻ سان بداخلاقي واري عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڊاڪٽر الاھي بخش ڏاھري، عمران ظفر پٺاڻ، فيصل جوکئي، شاھنواز مري، مبين خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رورل ھيلٿ سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته محرابپور جي ڊاڪٽرياڻي فاطمه ميمڻ سان ڊيوٽي دوران بداخلاقي ڪري کيس ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھري فيروز سميت اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته محرابپور جي ڊاڪٽرياڻي سان ڊيوٽي دوران بداخلاقي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سزا ڏني وڃي ۽ ڊاڪٽرياڻي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...