ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جهانگير ترين، علي ترين، حمزا شهباز ۽ سليمان شهباز خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي کنڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين، سندس پٽ علي ترين، حمزا شهباز ۽ سليمان شهباز خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي موجب ڪيس ۾ امانت ۾ خيانت، دوکي ڏيڻ ۽ فراڊ سميت مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب چئني جوابدارن خلاف ايف آءِ اي ۾ کنڊ اسڪينڊل سميت مني لانڊرنگ جي جاچ ڪئي پئي وئي جڏهن ته علي ترين، جهانگير ترين، حمزا سليمان شهباز خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...