عمرڪوٽ ۾ 13ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جو ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ هيرآباد ۾ ٻن جوابدارن گهر ۾ گهڙي 13ورهين جي نينگري جو منهن ٻڌي زيادتي ڪئي. متاثر نينگري پنهنجي امڙ قائمه بجير سان گڏ عمرڪوٽ جي سٽي ٿاڻي تي پهتي. ميڊيا جي پهچڻ تي پوليس پاران ٻن جوابدارن علي حسن بجير ۽ فيض محمد خلاف نينگري سان زيادتي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. متاثر نينگري سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته علي حسن ۽ فيض محمد سندس منهن ٻڌي زيادتي ڪري ظلم ڪيو آهي.هن چيو ته ٻنهي جوابدارن کي ڦاهي تي لٽڪائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام آباد لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جي مهلت ڏيندي اسلام...