پنجاب جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شڪست تسليم ڪرڻ لاءِ به وڏي دل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بدترين شڪست بعد مخالف ڌر مڃي يا نه مڃي پر گلگت بلتستان جي عوام فيصلو عمران خان جي حق ۾ ٻڌايو آهي. سندس چوڻ هو ته رد ٿيل راڄڪماري ۽ بلاول تاريخي شڪست تي ماتم ڪري رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رد ٿيلن کي ڪير سمجهائي ته رڳو اها اليڪشن شفاف ناهي هوندي، جنهن ۾ رڳو اوهان جي فتح ٿئي، هاڻي حوصلو ڪري ووٽ کي عزت ڏني وڃي.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...