سنڌ حڪومت جو گيم چينجر آزمائشي پام آئل وارو منصوبو ڪامياب ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته حڪومت 50 ايڪڙن تي پام آئل جا وڻ پوکيا هئا، پام آئل جي وڻن پيدوار شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته روزانو 2 ٽن پام آئل جي پيداوار ٿيندي، حڪومت پاران پام آئل جي وڻن لاءِ وڌيڪ زمين رکي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته تجربو ڪامياب ٿيڻ ملڪ لاءِ خوشخبري آهي. هن چيو ته ٿرڪول کانپوءِ هي منصوبو به مثال بڻجي ويندو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پام آئل گهرائڻ تي ساليانو 4 ارب ڊالر خرچ ڪندو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ٺٽي جي 15 سئو ايڪڙ ايراضي تي پام جي پوکي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته چام جي پوکي سان ٺٽي ضلعي ۾ وڌي سيڙپڪاري ايندي. مرتضيٰ وهاب چوڻ هو ته ماحولياقت ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي جو پام آئل منصوبو نئين مثال قائم ڪندو.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...