سکر ۾ ڏهن شاگردياڻين سميت 64 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق بعد گرلز ڪاليج کي پندرنهن ڏينهن لاءِ بند رکيو ويو. ڊي ايڇ او سکر ڊاڪٽر جميل احمد مهر موجب ڪورونا جي نئين لهر ۾ ڪجهه ڏينهن دوران 64 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن ۾ ڪاليج جون شاگردياڻيون ۽ شهري به شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڪورونا ۾ مبتلا 61 ڄڻا گهرن ۾ آئسوليٽ ۽ 3 سول اسپتال ۾ داخل ٿيل آهن. سندس چوڻ هو ته لاڳاپيل ڪاليج کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو آهي. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جميل احمد مهر ٻڌايو ته هيل تائين 3213 ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جن مان 3125 ماڻهن صحتياب ۽ 24 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ٻي طرف ڊائريڪٽر ڪاليجز لطف الله شاهه جو چوڻ آهي ته ڪورونا ۾ ڪاليج جون 10 شاگردياڻين ۽ 4 ملازم مبتلا ٿيڻ سبب پندرنهن ڏينهن لاءِ ڪاليج کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...