ڪراچيءَ ۾ رينجرز پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب ڪراچيءَ جي علائقي گلشن معمار ۾ ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق تحريڪ طالبان سان آهي، گرفتار ٿيل دهشتگردن ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪرڻ پئي چاهي. رينجرز ترجمان موجب دهشتگردن پاڪستان سڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڪراچي هوائي اڏي جي ريڪي ڪئي. ترجمان موجب دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن. رينجرز ترجمان موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ محمد خالد عرف منصور، اڪرم الله ۽ رياسين عرف ابو حنظله جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن مان ٻن تازو ئي افغانستان مان تربيت حاصل ڪئي، گرفتار ٿيل دهشتگردن کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...