وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو ۽ ذميوار پي ڊي ايم هوندي. ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر خطرناڪ آهي، پشاور ۽ ملتان ۾ 2 سئو سيڪڙو، ڪراچي ۾ 148 سيڪڙو، لاهور ۾ 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 65 سيڪڙو ڪيس وڌيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ گهڻي قدر ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون طرف وڃي چڪا آهن، هو قطعي طور لاڪ ڊائون جهڙو قدم نه ٿو کڻڻ چاهي ڇو ته سندن معيشت ۾ مضبوط بحالي جا آثار في الحال واضح آهن جيڪي به وڪڙ ۾ ايندا. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان مخالف ڌر اين آر او جهڙي هدف جي ڳولا ۾ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر اين آر او حاصل ڪرڻ جي مايوس ڪندڙ ڪوششن ۾ نهايت بي رحمي سان عوام جون زندگيون ۽ روزگار تباهه ڪري رهي آهي، هو واضح ڪري ٿو ته مخالف ڌر ڀلي لک جلسا ڪر کين اين آر او نه ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پي ڊي ايم پنهنجي جلسن جي تسلسل تي هوڏ ذريعي عوام ۽ سندن معيشت کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، ڇو ته ساڳي شرح سان ڪيس وڌندا رهيا ته هو مڪمل لاڪ ڊائون طرف وڌڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ نتيجن جي ذميوار پي ڊي ايم هوندي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...