جڏهن ته نينگري ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام قبولي مرضي جي شادي ڪندڙ ناري آرزو فاطمه جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ آرزو فاطمه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت آرزو کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پنهنجي والدين سان وڃڻ چاهيو ٿا؟، جنهن تي ناري جواب ڏنو ته هو پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهي ٿي فيصلو اسلامي قانون موجب ڪيو وڃي. آرزو فاطمه عدالت کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن عائلي قانون ۽ اسلامي قون معاملو اچي ته فيصلي ۾ اسلامي قانون کي اهميت ڏني وڃي. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته هنن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي توهان چاهيو ته سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهو ٿا. عدالت ڪيس اڪلائيندي حڪم ڏنو ته پوليس شفاف جاچ ڪري رپورٽ ماتحت عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالت آرزو فاطمه کي دارالامان اماڻڻ جو حڪم ڏيندي ڪامورن کي تعليم سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو کاتي کي آرزو فاطمه جي ڪائونسلنگ جو بندوبست ڪرڻ حڪم ڏنو ۽ گهرو کاتي جي نمائندن کي روزاني هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. پوليس پاران آرزو فاطمه ڪيس جو چالان به پيش ڪيو ويو. چالان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آرزو جي ڪورونا رپورٽ 16 نومبر تي ملي، جوابدار اظهر علي به ٽيسٽ ٿي جيڪي نيگيٽو نڪتي. آرزو پنهنجي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اظهر علي سان ڊگهي عرصي کان دوستي آهي، ساڻس موٽرسائيڪل تي وڪيل جي آفيس پهچي دوستي ڪئي. بچالان ۾ مولوي ٻڌايو ته ناري جي عمر 18 سال هئڻ بابت دستاويز پيش ڪيا ويا، جوابدار اظهر علي جي رت جا نموني ڊي اين اي لاءِ موڪليا ويا آهن.