ماتلي ۾ ڊاڪٽر پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو. شهر جي بس اسٽاپ وٽ پنجاهه ورهين جي ڊاڪٽر مير الهڏتي ٽالپر پنهنجي گهراندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهايو. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي لاش قبضي ۾وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر الهڏتو ٽالپر گهر ڀرسان ڪلينڪ هلائيندو هو ۽ هو متحرڪ سياسي ورڪر پڻ هو. پوليس موجب آپگهات جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته معاملي جي گهڻي رخ جاچ ڪئي پئي وڃي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...