آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته تـُـنگي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن جا اهم ڪمانڊر مارجي ويا. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ زبير ۽ عزيز الرحمان عرف فدا شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد باجوڙ ۽ ڪراچي اندر دهشتگردي ۾ ملوث هئا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته نيٽ ورڪ مختلف علائقن ۾ ڪاررواين لاءِ مدد فراهم ڪندو هو.