نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا وچ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين خلاف نيب جاچ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات دوران نيب چيئرمين، چيو ته نيب خلاف سينيٽ ۾ جمع ڪرايل استحقاق واري رٿ واپس ورتي وڃي، جنهن تي سليم مانڊي والا جواب ڏيندي چيو ته نيب خلاف رٿ ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ورتي ويندي. ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڪيس بابت غلط فهمي آهي، ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، هو پاڻ جائزو وٺندو. سليم مانڊي والا نيب چيئرمين کي جواب ڏيندي چيو ته کيس ڪيس بابت غلط فهمي ناهي، عرفان منگي ۽ جاچ آفيسر مدثر طرفان مسلسل بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. سليم مانڊي والا چيو ته نيب جي ڪاررواين خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو ته هو ويندا. ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته واپارين سميت ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي، جيڪي آفيسر ڪنهن کي هيسائڻ ۾ ملوث نڪتا ته سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊي والا چيو ته نيب چيئرمين کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته نيب آفيسر ماڻهن کي ڪمرن ۾ بند ڪري ڌمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته نيب جا آفيسر ڪهڙي طرح ماڻهن کي ڌمڪائي پلي بارگين ڪرائي رهيا آهن، نيب خلاف جدوجهد جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته هو سمورن ميمبرن سان گڏ آهي، سينيٽ اجلاس گهرائڻ لاءِ ريڪوزيشن جمع ڪرائي رهيا آهن. سليم مانڊي والا چيو ته نيب چيئرمين کي ٻڌايو آهي ته ڊي جي نيب راولپنڊي، سڄي اسلام آباد ۾ دهشت بڻيل آهي، جاويد اقبال هيسائيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته ڊي جي نيب سڄي ملڪ ۾ دهشت پکڙي ڇڏي آهي، عرفان منگي چوي ٿو ته کيس نيب چيئرمين به نٿو هٽائي سگهي، جيڪڏهن ڊي جي نيب چيئرمين کان وڌيڪ طاقتور آهي ته اها افسوس جوڳي آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...