اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 14 جنوري تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ لارجر بئنچ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وفاق پاران اٽارني جنرل خالد جاويد خان جڏهن ته ڀارتي هاءِ ڪميشن پاران بئريسٽر شاهه نواز نون عدالت ۾ پيش ٿيا. اٽارني جنرل عدالت جي روبرو آگاهه ڪيو ته ڀارت لاءِ ڪلڀوشن تائين قونصلر پهچ جي آڇ اڃا به برقرار آهي، جيڪڏهن ڀارتي هاءِ ڪميشن ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي ته پنهنجي وڪيل ذريعي ڪري سگهي ٿي. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته نئين دهلي ۾ ڪلڀوشن ڪيس ۾ وڪيل مقرر ڪرڻ بابت اجلاس جاري آهي، ڀارتي هاءِ ڪميشن چوي ٿي ته جڏهن هو تيار هئا ته کين لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت چاهي ٿي ته انصاف جي عالمي عدالت تحت فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن، ڪلڀوشن ڪيس ۾ عالمي انصاف جي عدالت جي فيصلي تي عمل ٿيندو. عدالت ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 14 جنوري تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...