پنجاب جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عقل کان انڌي مخالف ڌر کي هوشم کان ڪم وٺڻ گهرجي، عوام جي حياتين سان وڌيڪ کيڏڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سياست ٿيندي رهندي پر زندگي کي نقصان جو ازالو ممڪن ناهي. هن چيو ته جنهن شهر ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿيو اتي ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙيو آهي. سندس چوڻ هو ته دعا آهي ته بيماري کان سڀني کي الله محفوظ رکي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا وائرس خلاف پنجاب حڪومت پرعزم آهي، پنجاب جي وڏي وزير ملتان ۽ رحيم يار خان ۾ ٻن نين ليبارٽرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته روزاني 25 هزار تائين ڪورونا ٽيسٽون ٿي سگهن ٿيون، ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر وڌيڪ شديد آهي، عوام احتياط نه ڇڏي ۽ محفوظ رهي.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...