سوراھ ٿاڻي تي پوليس سرڪاري فرياد تي عبدالقيوم جوڳي، عباس علي رڏ ۽ ٽن اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو. سوراهه پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار زاهد راجپوت کي گرفتار ڪيو پر مزاحمت ڪري کيس ڀڄايو ويو. پوليس موجب جوابدار پئٽرول پمپ تي هڪ ڪمري ۾ ترسيل هو، کيس گرفتار ڪرڻ وقت سندس حمايتن عبدالقيوم جوڳي، عباس علي رڏ ۽ ٻين مزاحمت ڪري ڀڄايو. سوراهه پوليس موجب واقعي کانپوءِ ٻن ڄڻن عبدالقيوم جوڳي ۽ عباس رڏ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جنهن پيٽرول پمپ تي جوابدار کي ترسائي مزاحمت ڪئي، ان کي سيل سيل ڪري ڇڏيو آهي. نارا پمپ زاهد راجپوت جي ڀاءَ عباس راجپوت جو آھي جيڪو روهڙي واسي خالد قريشي کي ڏنو ويو هو.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...