سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي مستحق عورتن پاران وظيفي جي رقم نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته اڪثر سينٽرن تي ڪورونا ايس او پيز تي عمل به نه ٿي سگهيو. ٽنڊي الهيار جي احساس ڪفالت سينٽر فني خرابي سبب چوٿين ڏينهن به بند رهيو. انتظاميه جي لاپرواهي سبب ٻارنهن سينٽر مان پنج مڪمل طور تي بند پيل آهن. ڏورانهن علائقن مان وظيفي جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتن کي سينٽر بند هجڻ ڪري پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ پڻ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي پيهه رهي. سينٽر تي آيل عورتن پاران ايس او پي کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو. چڪ ۾ به احساس ڪفالت سينٽر تي ايس پي او پي تي عمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته عورتن پاران رقم نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ويو. مستحق عورتن جو چوڻ هو ته ناجائزي ڪندڙ احساس ڪفالت سينٽر جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري حق ڏياريو وڃي. ڳاڙهي ۾ احساس ڪفالت جي مستحق عورتن پاران وظيفي جي رقم نه ملڻ خلاف سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مستحق عورتن چيو ته هو ٽن ڏينهن کان سينٽر جو چڪر لڳائي رهيون آهن، پر کين رقم جاري نه پئي ڪئي وڃي. سندن چوڻ هو ته پئسا نه ملڻ ڪري هو پريشانين کي منهن ڏئي رهيون آهن. احساس ڪفالت پروگرام جي رقم اچڻ کانپوءِ جيڪب آباد ۾ به مختلف بئنڪن جي انتظاميه اي ٽي ايم مشين بند ڪري ڇڏي. اي ٽي ايم مشينون بند ٿيڻ بعد مستحق عورتن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڪنڊياري تعلقي ۾ پڻ احساس ڪفالت جو سينٽر نه کلڻ ڪري مستحق عورتن سراپا احتاجج بڻيل آهن. سندن چوڻ هو ته پنجن ڏينهن کان هو سينٽر جا ڌڪا ڪائي رهيون آهن، پر رقم جاري نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ڪافي ڀيرا ڪامورن کي پڻ دانهن ڏني آهي، پر هن مهل تائين ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو. کپري ڀرسان هٿونگي ۾ احساس ڪفالت پروگرام جو سينٽر بند هجڻ خلاف عورتن احتجاج ڪيو. مٺي ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي مستحق عورتن طرفان رقم مان ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪيو ويو. عورتن جو چوڻ هو ته في ڪارڊ تي پنج سئو کان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ناجائزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. دريا خان مري ۾ احساس ڪفالت سينٽر ٽن ڏينهن کان نه کلي سگهيو، جنهن ڪري عورتون چڪر لڳائي واپس روانيون ٿي ويون.