ٻنهي اڳواڻن کي شام تائين جيل موڪليو ويندو. شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه جو پيرول اڄ شام تائين ختم ٿي ويندو. ٻنهي اڳواڻن کي شام چار وڳي کان پهريان جيل واپس موڪليو ويندو. بيگم شميم اختر جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پنجاب حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه کي پنجن ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. اربع ڏهاڙي پنجاب حڪومت ن ليگ جي درخواست تي ٻنهي اڳواڻن جي پيرول ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي. قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت موجب شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ واڌ انساني همدردي جي بنياد تي ڪئي وئي هئي.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...