اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لانگ مارچ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪنن جون گرفتاريون 13 ڊسمبر واري جلسي جي ڪاميابي جو اعلان آهي، هو حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪري سگهن ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي وائڙپ مان ثابت ٿي ويو ته لاهور جلسو ڪامياب ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ايندڙ حڪمت عملي 8 ڊسمبر واري اجلاس ۾ جوڙي ويندي، ڀلي گرفتاريون ڪيون وڃن پر هو پوئتي نه هٽندا. شاهد خاقان عباسي چيو ته جلسن کانپوءِ لانگ مارچ ۽ استعيفائن جو آپشن موجود آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار ملڪ جي معيشيت تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏي آهي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي پر وزيراعظم چوي ٿو نه گهٻرايو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي خراب آهي، هر طبقو سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نٿي چُري.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...