• Latest
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي ثقافت رنگن ۾ رڱجي ويا آهن

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي ثقافت رنگن ۾ رڱجي ويا آهن

ڊسمبر 4, 2020
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي

سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي

اپريل 14, 2021
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 135 مريض فوت ۽ چار هزار 50 نوان ڪيس ظاهر ٿيا

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 135 مريض فوت ۽ چار هزار 50 نوان ڪيس ظاهر ٿيا

اپريل 14, 2021
ايران جي آمريڪا کي ڌمڪي

ايران جي آمريڪا کي ڌمڪي

اپريل 13, 2021
طالبان افغان امن معاهدي لاءِ ٿيندڙ ترڪي سمٽ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

طالبان افغان امن معاهدي لاءِ ٿيندڙ ترڪي سمٽ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

اپريل 13, 2021
آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس  پاران رمضان جي مهيني ۾ مسلمانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس پاران رمضان جي مهيني ۾ مسلمانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اپريل 13, 2021
پي ٽي آءِ سرڪار جي ٽيهن مهينن ۾ گردشي قرض 12 ڏهائي 5 کرب رپيا وڌي مجموعي طور 44 کرب ٿي ويو آهي،شيري رحمان

پي ٽي آءِ سرڪار جي ٽيهن مهينن ۾ گردشي قرض 12 ڏهائي 5 کرب رپيا وڌي مجموعي طور 44 کرب ٿي ويو آهي،شيري رحمان

اپريل 13, 2021
سپريم ڪورٽ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اپريل 13, 2021
SindhTvNews
No Result
View All Result
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
No Result
View All Result
SindhTvNews

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي ثقافت رنگن ۾ رڱجي ويا آهن

Sindh tv by Sindh tv
ڊسمبر 4, 2020
in سنڌ
0
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي ثقافت رنگن ۾ رڱجي ويا آهن
Twitter

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي ثقافت رنگن ۾ رڱجي ويا آهن، مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ۽ ريليون ڪڍي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌ جا ٻيٽ بچايو وسيلا بچايو جي عنوان هيٺ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سنڌي ثقافتي ويس وڳا پهري شرڪت ڪئي. تقريب ۾شاگردياڻين قومي ۽ ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.  تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽورڪ ثقافتي ڏينهن ملهائي سنڌ جي 5 هزار سالن جي تهذيب، ثقافت کي دنيا ۾بهتر نموني مشهور ڪيو  آهي. جيڪب آباد ۾ سولنگي اتحاد طرفان شهيد الله بخش پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت نه ڪئي. رمضان سولنگي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي نوجوانن طرفان قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ به ثقافتي رنگ نروار ٿي ويا آهن، ميونسپل ورڪر يونين جي سڏ تي ريلي  ڪڍي وئي، جنهن ۾ قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هنيون. يونين جي صدر جليل بلوچ، عاشق زرداري ۽ ٻين پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، جتي هُنن صحافين کي اجرڪ اوڍايا. ڪوٽڙي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي صدر منٺار خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي ۽ ٻين ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي. ريلي مختلف هنڌن کان ٿيندي المدينه چوڪ پهتي، جتي مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي. بدين ۾ عورتن پاران ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي. سماجي تنظيم سورمين سٿ جي اڳواڻ  عورتن  ثقافتي ويس وڳا پهري جيم خاني کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. عورتن جي ريلي تي بدين جي شھرين مھراڻ چوڪ، فروٽ چوڪ ۽ پريس ڪلب اڳيان گلن جي ورکا ڪئي. پريالوءِ، ٽنڊي غلام حيدر ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ شهرين طرفان ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون، جتي گيتن تي نوجوان جهمريون هڻندا رهيا. نوابشاهه  پريس ڪلب ۾  تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾  شاعر فياض چنڊ ڪليري، سگهڙ لياقت لنڊ، پروفيسر اعجاز، واپاري اڳواڻ عبدالقيوم قريشي، راضا ڏاهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريبن ۾ صوفي راڳين قومي ۽ ثقافتي گيت ٻڌائي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته شاعرن ۽ اديبن به خوب داد حاصل ڪيو. ڏوڪري جي ٽائون هال ۾ مچ ڪچهري ڪرائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي صحافين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو…

RelatedPosts

دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي  ويا

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا

Previous Post

ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر پهرين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي,فردوس

Next Post

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ غير حاضريءَ تي الڳ الڳ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Related Posts

دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي  ويا

دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا مارجي  ويا

اپريل 13, 2021
0

دريا خان مري ڀرسان قبرستان جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي  ويا ۽...

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا

اپريل 12, 2021
0

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ...

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا

اپريل 7, 2021
0

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...

سرهاڙي ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

سرهاڙي ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

اپريل 6, 2021
0

سرهاڙي ويجهو هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.  ڳوٺ سمون مگسي جي رهواسي نوجوان عطا الله ولد لونگ مگسي کي...

سنڌ مان رولوڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڇتن ڪتن وڌيڪ ڇهن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

اپريل 6, 2021
0

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڇتن ڪتن  وڌيڪ ڇهن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.    ڀرياسٽي شهر اندر  رولو...

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت صوبي ۾ گرمي جي لهر برقرار

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت صوبي ۾ گرمي جي لهر برقرار

اپريل 2, 2021
0

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي،  اڄ به شهر ۾ گرمي پد 41 سينٽي گريڊ تائين...

Next Post
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ غير حاضريءَ تي الڳ الڳ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ غير حاضريءَ تي الڳ الڳ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

  • خيرپور ۾ ايم ايس ڪليم الله ميمڻ تي ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

    خيرپور ۾ ايم ايس ڪليم الله ميمڻ تي ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

    504 shares
    Share 202 Tweet 126
  • پ پ جي پي ڊي ايم کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ حڪومت مخالف موقف پنهنجو موت پاڻ مري ويو آهي.، فواد چوڌري

    492 shares
    Share 197 Tweet 123
  • ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 135 مريض فوت ۽ چار هزار 50 نوان ڪيس ظاهر ٿيا

    491 shares
    Share 196 Tweet 123
  • سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي

    491 shares
    Share 196 Tweet 123
  • سکر: هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

    494 shares
    Share 198 Tweet 124
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي