ڊاڪٽر محمد اقبال پنهور 70 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. پروفيسر محمد اقبال پنهور جو مڙهه حيدرآباد کان سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي واري گهر آندو ويو، سندس تدفين سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن ورڪشاپ ڀرسان قبرستان ۾ ڪئي ويندي. ٻه ڏينهن اڳ ساھ ۽ سيني جي تڪليف سبب کيس لمس حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو. پروفيسر اقبال پنهور سنڌ يونيورسٽي جي اڪنامڪس شعبي جو استاد هو، جنهن دوران هو پنهنجي شعبي جو هيڊ، سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس جو پرو وائيس چانسلر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر به رهيو.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...