کاروڙو چارڻ جي رهواسڻ شهزادي کي الله ڏنو جت لٺيون هڻي ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي کيس سخت زخمي ڪيو. پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي عورت کي سول اسپتال پهچايو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پوليس موجب مڙس جي حملي ۾ زخمي ٿيل عورت کي علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته گهر واري کي مرڻينگ ڪندڙ اللهڏنو جت فرار ٿي ويو آهي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي کي نَو ورهيهه وهامي ويا، سندس اڄ نائين ورسي...