پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن، افغانستان ۾ امن استحڪام سڄي خطي جي مفاد لاءِ اڻٽر آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ علائقائي سلامتي ۽ ترجيحن بابت اهم صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر ڪامورن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪورونا، والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي کي پيش ايندڙ چئلينجنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائنيدي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي هندتوا سوچ تي ٻڌل پاليسين خطري کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ تشدد وارين ڪارروائين تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، جنهن جا پڪا ثبوت گڏيل قومن کي ڏئي ڇڏيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن استحڪام پوري خطي ۾ اڻٽر آهي.
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي
سڄي ملڪ ۾ زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بينڪ اڄ عوام لاءِ بند رهندي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته رمضان...