1451 مريض صحتياب ٿيڻ بعد صوبي ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 23 هزار 96 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت بيان جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 12 هزار 582 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2003 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، هيل تائين ڪيل 21 لک 343 ٽيسٽن مان هڪ لک 89 هزار 687 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته وڌيڪ 18 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 3 هزار 99 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته وڌيڪ 1451 مريض صحتياب ٿيڻ بعد وائرس کي شڪست ڏيندڙ جو انگ هڪ لک 63 هزار 492 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 23 هزار 96 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 22 هزار 186 گهرن، 15 آئسوليشن مرڪزن ۽ 895 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 749 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ 92 وينٽيليٽر تي آهن. وڏي وزير چيو ته نون ڪيسن مان 17 سئو 20 ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا، جن مان 593 اوڀر ضلعي، 537 ڏکڻ ضلعي، سينٽرل ۾ 249، ڪورنگي ۾ 195، ملير ۾ 107 ۽ اولهه ضلعي ۾ 39 ڪيس ظاهر ٿيا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ 68، شهيدبينظير آباد ۾ 21، سجاول ۾ 19، ڄامشوري ۾ 16، بدين ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 14، گهوٽڪي ۾ 13، سانگهڙ ۾ 10، ٺٽي ۾ 9، قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 8-8، شڪاپور ۾ 6، سکر ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 4-4، نوشهروفيروز ۽ ڪشمور ۾ 3-3، جيڪب آباد ۾ 2، خيرپور ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...