سکر احتساب عدالت لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ جعلي ڀرتين واري ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جج فريد انور قاضي جعلي ڄاڻايل 46 ڀرتين کي قانوني قرار ڏيندي ريفرنس ۾ شامل 50 آفيسرن ۽ استادن کي باعزت بري ڪيو. نيب سکر طرفان سال 2017 ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ جعلي ڀرتين بابت ريفرنس داخل ڪرايو هو ته ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ جوابدارن جعلي ڀرتين ذريعي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو ويو آهي. عدالت ڪشمور. ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ نيب طرفان 46 جعلي ڄاڻايل ڀرتين کي قانوني قرار ڏنو. عدالت ريفرنس ۾ شامل ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دين محمد سهرياڻي. اڪائونٽنٽ آفيسر عبدالعزيز بلو سميت 50 ملازمن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي سمورن کي باعزت بري ڪيو. ريفرنس ۾ شامل اڪائونٽنٽ ۽ هڪ استاد فوت ٿي چڪا آهن ۽ هڪ ڄڻي گوتم ڪمار پلي بارگين ڪري پاڻ کي ريفرنس مان آجو ڪرايو هو.
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ديرو ويجهو گهر مان چوري دوران چورن مزاحمت تي ڀاڳئي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ٿاڻي جي حد...