برطانيا ۾ ڪورونا ويڪسينيشن پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين 90 ورهين جي عورت کي لڳائي وئي. برطانوي ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين اتر آئرلينڊ جي 90 ورهين جي عورت مارگريٽ ڪينان کي لڳائي وئي، کيس فائزر ۽ بايو اين ٽيڪ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. آمريڪي ۽ جرمن دوانون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي دعويٰ آهي ته سندس ويڪسين ڪنهن به نقصان کانسواءِ 95 سيڪڙو اثرائتي آهي، برطانيا ۾ گذريل هفتي وسيع پئماني تي ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي اجازت ڏني وئي هئي.
ايران جي آمريڪا کي ڌمڪي
نيوڪلئير پلانٽ تي اسرائيلي حملي بعد ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هُو پابندين ۽ نيوڪلئير حملن بابت پنهنجي...