وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ جمهوريتن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ملوث آهي، ڀارت کي عالمي برادري ۾ وائکو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيرعاظم عمران خان چيو ته ڀارت انتهاپسندن جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هنن عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي ناپاڪ ارادن طرف ڇڪايو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت خطي ۾ جمهوريتن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ملوث آهي، ڀارت بابت ڊس انفو جي انڪشافن سان پاڪستان جو موقف درست ثابت ٿيو. عمران خان چيو ته دنيا بدمعاش ڀارت جي دهشتگرد سرگرمين جو نوٽيس وٺي.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...