پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مينار پاڪستان وارو جلسو تاريخي ٿيندو، حڪومت کي هر حال ۾ وڃڻو پوندو، ووٽن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن، سندن هڪ ئي مطالبو آهي چونڊون ٻيهر ڪرايون وڃن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو نااهل حڪومت جو خاتمو چاهين ٿا. هن چيو ته سندن هڪ ئي مطالبو آهي چونڊون ٻيهر ڪرايون وڃن. هن چيو ته حڪومت نالائق ۽ ناجائز آهي، انهن سان ڳالهيون ڇو ڪيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي هر حال ۾ وڃڻو پوندو، ووٽن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن.
حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي، احسن اقبال
مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو...