سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ نينگر سمت ٽي ڄڻا فوت ۽ ڇهه زخمي ٿي پيا. راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي علائقي ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. حادثي ۾ ڏهن ورهين جي نعمان ٿڏي تي دم ڏنو، نينگر جو مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس پوسٽ مارٽم کانپوءِ نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. گهاري ويجهو قومي شاهراھ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت فوت ۽ ٽي زخمي 3 زخمي. حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان علي شاھ فوت ٿي ويو جڏهن قربان شاھ ۽ محمدخاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويوآهي. نوري آباد ڀرسان ٿاڻي بولا خان ويندڙ لنڪ روڊ تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار حادثي بخش جاکرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. نوابشاھ لڳ اٺھٺ موري روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو.حادثي ۾ ٽي ڄڻا حنيف ڪنڀر، رشيد ۽ ھڪ اڻڄاتل شخص زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد جي لاءِ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ...