تبديلي سرڪار هڪ دفعو ٻيهر عوام تي مهانگائيءَ جو بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن، پئٽرول جي اگهه ۾ في لٽر 5 رپيه اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي. وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 7 رپيا في لٽر اضفي جي تياري ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزارت نون اگهن جو اعلان ڪندي، جيڪي پندرهن ڏينهن لاڳو هوندا. هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا في لٽر ۽ پيٽرول 5 رپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اوگرا سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي، وزيراعظم جي منظوري بعد نون اگهن جو اعلان ڪيو ويندو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ اضافي جي به سمري تيار ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ پئٽروليم شين جي اگهن جو اعلان ڪيو ويندو.
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين ورسي ملهائي وئي
ايشيا جي عظيم اڳواڻ، پيپلزپارٽيءَ جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 42 هين...