آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغانستان بابت آمريڪا جي خاص نمائندي زلميَ خليل زاد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زيرولوٽ سپورٽ مشن جي ڪمانڊر جنرل آسٽن ملر به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آفغانستان ۾ امن عمل ۾ اڳڀرائي واري معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد، خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. پاڪ فوجي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن لاءِ مشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
حڪومت پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو
حڪومت پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2، 2 رپيه...